ريتڪ روشن ”ڪرش 4“ ڌوم مچائڻ لاءِ تيار

news-details

نئين دهلي: (خميس: 02 مئي 2024ع) بالي ووڊ جي فلم ”ڪوئي مل گيا“ ”ڪرش“ ۽ ڪرشن 3 کانپوءِ سڌارٿ آنند جي فلمي شوقينن لاءِ وڏي انتظار کانپوءِ ”ڪرش 4“ جو اعلان ڪيو ويو آهي.


ڀارتي فلمساز سڌارٿ آنند تازو ئي هندستاني سپر هيرو فرنچائز ”ڪرش“ جي 4 قسط جي تصديق ڪري فلم ڏسندڙن کي خوش ڪري ڇڏيو، فلم ۾هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪار رتڪ روشن اداڪاري سان پرستارن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ وارو آهي.


اداڪار رتڪ روشن ”ڪرش 4“ جي حوالي سان ڳالهايو هو، ڊائريڪٽر سڌارنٿ آنند پنهنجي ٽوئيٽ ۾ تصديق ڪري پرستارن کي دنگ ڪري ڇڏيو.


اطلاعن موجب فلم ڪرش 4 جو اسڪرپٽ پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي، جڏهن ته فلم جي شوٽنگ نئين سال جي آغاز ۾ شروع ڪئي ويندي.