ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

news-details

ڪراچي: (خميس: 02 مئي 2024ع) ڪراچي جي علائقن گڏاپ ۽ ڪاٺوڙ ڀرسان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.


زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ملير ڀرسان 5 لڳي 52 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.


زلزلي جي شدت 2.3 هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ملير جي اتر اوڀر ۾ 38 ڪلو ميٽر پري هو، زلزلي جي اونهائي 84 ڪلو ميٽر هئي.