ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ هالي ووڊ اداڪار تي جنسي هراساني جا الزام

news-details

لاس اينجلس:(ڇنڇر: 04 مئي 2024ع) هالي ووڊ اداڪار ڪيون اسپيسي کي جنسي هراساني جا الزام لڳي ويا آهن.


پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي اداڪار رواري ڪينن مٿس الزام هڻندي چيو آهي ته ڪيون اسپيسي جون 2013ع ۾ کيس ” غلط طريقي“ سان ڇُهيو هو.


رپورٽ موجب، ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ53 ورهين ڪيون اسپيسي اداڪار رواري ڪينن طرفان مڙهيل الزام رد ڪري ڇڏيو آهي.


ياد رهي ته ڪيون اسپيسي تي پهريان به آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڪيئي نوجوان اداڪار، شاگرد ۽ ٿيٽر ملازم اهڙي قسم جي الزام لڳائي چڪا آهن.