اذلان شاهه ٽورنامينٽ ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ قومي هاڪي ٽيم جو ملڪ واپسي تي پرجوش استقبال

news-details

لاهور: (آچر: 12 مئي 2024ع) اذلان شاهه ٽورنامينٽ ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ قومي هاڪي ٽيم ملائيشيا کان ملڪ واپس پهچي وئي.


ملڪ واپسي تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود، اڳوڻي ڪپتان چوڌري اختر رسول، محمد ثقلين ۽ انجم سعيد سميت ٻين اڳوڻن رانديگرن ۽ هاڪي جي شوقينن لاهور ايئرپورٽ تي قومي هاڪي ٽيم جو استقبال ڪيو.


گذريل ڏينهن پاڪستان 13 سالن کان پوءِ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ سلور ميڊل حاصل ڪيو هو، جاپان اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي.


فائنل کان اڳ پاڪستاني ٽيم ايونٽ ۾ ناقابل شڪست رهي هئي، پاڪستان 3 ميچ کٽيا ۽ 2 ميچ ڊرا ٿيا.


پاڪستان گذريل ايونٽ ۾ برائز ميڊل حاصل ڪيو هو. پاڪستان 2011 ۾ آخري ڀيرو اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏيو هو ۽ پاڪستان ٽورنامينٽ آخري ڀيرو 2003 ۾ کٽيو هو.