سونا ڪشي سنها شادي نه ٿيڻ تي مايوس

news-details

ممبئي: (سومر: 13 مئي 2024ع) فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي جي ويب سيريز هيرا منڊي، دي ڊائمنڊ بازار ۾ فريدن جو ڪردار ادا ڪرڻ واري مشهور اداڪارا سونا ڪشي سنها چيو آهي ته هو شادي ڪرڻ لاءِ انتظار نٿي ڪري سگهي.


تازو ئي ويب سيريز هيرا منڊ، دي ڊائمنڊ بازار جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ مشهور ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جي نيٽ فلڪس شو، دي گريٽ انڊين ڪپل شو ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي هئي،جتي هن سنجي ليلا ڀنسالي سان ڪم ڪرڻ جو پنهنجو تجربو شيئر ڪيو.


شو جي ميزبان ڪپل شرما سونا ڪشي سنها کي چيو ته توهان جون ساٿي اداڪارائون عاليا ڀٽ، ڪيارا ايڊواني شادي شدا آهن ته اوهان ان تي ڇا چوڻ چاهيندا.


ڪپل شرما جي سوال تي اداڪارا چيو ته توهان ته منهنجي زخمن تي لوڻ اڇلائي رهيا آهيو، توهان کي خبر آهي ته مان شادي ڪرڻ لاءِ ڪيتري بي تاب آهيان، هيرا منڊي جي شوٽنگ ختم به ٿي وئي، اسانجي سيريز رليز ٿي ڪامياب به ٿي وئي پر اڃا تائين شادي ناهي ٿي سگهي.


هن پنهنجي ساٿي اداڪارائن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڏسو شرمين سهيگل جي شادي به ٿي وئي، سونا ڪشي سنها جي ڳالهه ڪٽيندي منيشا ڪوئرالا چيو ته ريچا چڍا جي به شادي ٿي وئي ۽ هو ڳورهاري به آهي.