بابر اعظم دنيا جو ڪامياب ترين ٽي ٽوئنٽي ڪپتان بڻجي ويو

news-details

ڊبلن: (سومر: 13 مئي 2024ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کٽيندڙ ڪپتان بڻجي ويو.


گذريل ڏينهن ڊبلن ۾ آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي بابراعظم جي اڳواڻي ۾ 45هين ڪاميابي هئي.


پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان آئرلينڊ خلاف ٽن ميچز جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ بيٽرز کي ڏنو.


ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي پلان ۾ اثرائتي طريقي سان ڪامياب ٿيا.


بابر کان اڳ انگلينڊ جي مورگن ڪپتان طور 44 ميچز ۾ ڪاميابي ماڻي هئي.


ٻئي پاسي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بابراعظم ۽ شاهين آفريدي کي مبارڪون ڏنيون آهن.