گيري ڪرسٽن 19 مئي تي ٽيم کي جوائن ڪندو: پي سي بي

news-details

لاهور: (اڱارو: 14 مئي 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيو آهي ته گيري ڪرسٽن پاڪستان ٽيم جي وائٽ بال لاءِ هيڊ ڪوچ طور پنهنجي ٻن سالن واري مدي جي شروعات ڪرڻ لاءِ 19 مئي تي ليڊز ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪري وٺندو.


بي سي بي موجب گيري ڪرسٽن 22 مئي تي هيڊنگلي ۾ انگلينڊ خلاف چار مئچن ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات کان ٽي اڳ ٽيم کي جوائن ڪندو.


سيريز بعد پاڪستاني ٽيم آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ منعقد ٿيل آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ حصو وٺندو.


قومي ٽيم پنهنجو افتتاحي مئچ ميزبان 6 جون تي آمريڪا خلاف کيڏندو، گيري ڪرسٽن جي گذريل مهيني قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي حيثيت سان مقرري ڪئي وئي هئي.