رنبير ڪپور جي نئين فلم مهانگي ترين فلم بڻجي وئي

news-details

ممبئي: (اڱارو: 14 مئي 2024ع) اداڪارا رنبير ڪپور جي ايندڙ فلم بالي ووڊ جي مهانگي ترين فلم بڻجي وئي آهي.


ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رنبير ڪپور جي نئين فلم رامائن جو بجيٽ 835 ڪروڙ ڀارتي رپيا (100 ملين ڊالر) تائين پهچي ويو، جنهن بعد اها فلم بالي ووڊ جي مهانگي ترين فلم بڻجي وئي آهي.


رنبير ڪپور فلم لاءِ هاڻي تائين سب کان وڌيڪ معاوضو ورتو آهي، جڏهن ته فلم جي پراڊڪشن ۾ 600 ڏينهن لڳا آهن، فلم جي رليز جون جي آخر ۾ ٿيڻ جا امڪان آهي، ڪاسٽ ۾ رنيبير ڪپور سان گڏ لارادتا ۽ ٻيا پڻ شامل آهن.


فلم جي شوٽنگ جا ڪجهه سين منظر تي اچڻ بعد ڊائريڪٽر فلم جي شوٽنگ ڳجهي طور اسٽوڊيو ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ڪري انتهائي مهانگا ۽ شاندار سيٽ لڳايا ويا آهن.