واش روم ۾ تاج، ڪوٽ ۽ سون پائي ويندو آهيان: علي ذيشان

news-details

ڪراچي: (خميس: 16 مئي 2024ع) سموري دنيا جي مشهور پاڪستاني ڊيزائنر علي ذيشان انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن کي اڌ رات جو واش روم وڃڻو هوندو آهي ته ان کان پهريان مٿي تي تاج، ڪوٽ ۽ سون پائي بعد ۾ ويندو آهي.


تازو ئي علي ذيشان اداڪار احمد علي بٽ جي يوٽيب پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل ڏنو ۽ ٻڌايو ته هن جي طرز زندگي آهي، گهر ۾ به هو اهڙو ئي فيشن ڪندو آهي.


پوڊڪاسٽ ۾ وائرل ٿيڻ واري وڊيو ۾ علي ذيشان جو چوڻ هو ته مون ۾ ڪوبه ڏيکاءُ ناهي، مونکي زندگي ۾ جيڪا شيءَ ڪرڻي هوندي آهي ته ڪري وٺندو آهيان.


ڊيزائنر چيو ته منهنجو دل صاف آهي، جڏهن به لاهور ۾ مشهوري بعد ڪراچي ۾ فيشن شو ڪرڻ آيس ته اتي ذليل ڪيو ويو هو ۽ پوءِ مان روئي پيو هئس.