حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي 54هين ورسي ملهائي وئي

news-details

حيدرآباد:(پ_ر)  ايشيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ باباء سنڌ حيدربخش جتوئي جي 54هين ورسي سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ملهائي وئي. ورسي تقريب جي جلسي جي صدارت سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي ڪئي. ورسي تقريب جي جلسي کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي جنهن خوشحالي جي راهه ڏانهن وٺي پئي ويو وڏيرن جاگيردارن ان سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر وڏيرن جاگيردان سردارن ۽ چونڊيل نمائندن جي پيداوار آهي سنڌ ۾ چونڊيل نمائندن ڪوڙن اعلانن کانسواء ڪجهه ناهي ڏنو.


سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري سنڌ جي هارين کي فاڪاڪشي تي مجبور ڪيو ويو آهي اڃا تائين سنڌ جي ڳوٺن ۾ اسڪول بند پيل آهن هارين پورهيتن جي ٻارن کان قلم کسي هٿيار هٿن ۾ ڏنا پيا وڃن سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ اندر هٿرادو ڌاڙيل ڪلچر مڙهي ماڻهن جي زندگي مشڪل ڪئي ويئي آهي.


نيشنل پارٽي جي تاج مري چيو ته حيدر بخش جتوئي جي فڪر تي متحد ٿي جدوجهد جي ضرورت آهي هارين پورهيتن جي حقن لاء ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي، احمدنواز انقلابي چيو ته  باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي پورهيت جدوجهد جي سرواڻي ڪئي باباء سنڌ حيدربخش جتوئي 1950 ۾ سنڌ ٽينيسي ايڪٽ پاس ڪرايو باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سنڌ کي اچيومنٽس ڏنيون هن پورهيتن کي حق حاصل ڪرڻ لاء اٿاريو. وطن دوست جمهوري پارٽي جي گلشير شر چيو ته سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ڪردار تي فخر ڪري ٿي سنڌ کيس سلام پيش ڪري ٿي مزدورن ۽ هارين سان زيادتيون ڪيون پيو وڃن اي جي پي صدر خادم ٽالپر چيو ته  سنڌ هن وقت مشڪل دور ۾ آهي رياست جي رٽ ڪمزور ڪري پيش ڪئي ٿي وڃي وقت جي ضرورت آهي ته سڀ گڏجي سنڌ جي خوشحالي جي جدوجهد ڪريون ورسي تقريب جي جلسي کي ايس ٽي اڳواڻ عاشق سولنگي، پ ٽ الف جي اڳواڻ سڪندر جتوئي، نهال عباسي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي ادريس بروهي، ايڊوڪيٽ عالم زيب ميمڻ، جبار باغي، عابد رند، ولايت نوناري، زينت سنڌي، اسحاق سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو.