ملير: گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل معصوم ٻار محسن لاشاري جي وارثن جو ملير پوليس خلاف احتجاج

news-details

ڪراچي: (اڱارو: 21 مئي 2024ع) شاهه لطيف ٽائون ۾ گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل معصوم ٻار محسن لاشاري جي وارثن جو ملير پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو عدالت جي حڪم باوجود پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي يوسي انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. 21 مارچ تي شاهه لطيف ٽائون جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل معصوم ٻار محسن لاشاري جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ملير جي عدالت غفلت ڪرڻ جي الزام هيٺ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي سميت ٻين آفيسرن يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو اهو به شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسان جو معصوم ٻارڙو محسن لاشاري گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.