کنڊ جي قيمت ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين: وزيراعظم

news-details

اسلام آباد: (خميس: 23 مئي 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ اضافو رد ڪندي چيو آهي ته شوگرملز پورو سال 140 روپيه ايڪس فيڪٽري ريٽ يقيني بنائي.


وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کنڊ گهرائڻ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو.


اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته کنڊ برآمد نه ٿي ته ايندڙ سيزن ۾ شوگر ملز ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندي ۽ ايندڙ سيزن ۾ 40 شوگرملز بند ٿي وينديون.


بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شوگرملز هلندڙ سيزن ڪمند جي آبادگارن کي 800 ارب روپين مان 760 ارب روپيه ادا ڪيا ويا. شوگرملز هلندڙ سيزن هارين کي هن وقت به40 ارب روپيه ادا ڪري رهي آهي. کنڊ برآمد نه ٿي ته شوگرملز نومبر ۾ ڪريشنگ نه ڪري سگهندي.


وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 15 لک ٽن کنڊ اضافي آهي. 5 لک ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي وئي ته 26 ڪروڙ ڊالر حاصل ٿيندا.


وزيراعظم شهباز شريف جو ان موقعي تي چوڻ هو ته کنڊ جي برآمد جو فيصلو اقتصادي رابطه ڪميٽي ڪندي. اقتصادي رابطه ڪميٽي کنڊ جي اسٽاڪ ۽ عالمي مارڪيٽ جو جائزو وٺندي. ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. شوگرملز پورو سال 140 روپيه  ايڪس فيڪٽري جي فراهمي کي يقيني بنائي.