سون جي اگهه ۾ وڏي گهٽتائي، سوين رپيا سستو ٿي ويو

news-details

ڪراچي: (جمعو: 24 مئي 2024ع) اڄ مسلسل ٽئين ڏينهن ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.


آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 1800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 40 هزار 20 رپين جو ٿي ويو آهي.


اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1543 رپيا سستو کانپوءِ 2 لک 5 هزار 933 رپيا ٿي وئي آهي.


پاڪستان سون جي عالمي قيمت 20 ڊالرز جي پريميم شامل ڪري 2338 ڊالرز في اونس آهي.