شهيد نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز ادا، چئني صوبن مان هزارين ماڻهو شريڪ

news-details

ميرپورماٿيلو: (جمعو: 24 مئي 2024ع) شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو مڙهه ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ پهچڻ بعد سندس جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. جنھن ۾ ھزارين ماڻھن  شرڪت ڪئي.


شهيد جي آخري رسمن ۾ سيد توفيق شاهه، شهيد صحافي جي جنازي نماز پڙھائي جنازي نماز ۾ اڳوڻو ايم اين اي ميان مٺو، جسقم اڳواڻ امجد مهيسر، سيد لال شاهه، صحافي اڳواڻ غازي جھنڊير،  مير سالار خان لنڊ، شھيد ڀٽو اڳواڻ الياس ملڪ، حافظ نصرالله چنا، نائب امير جماعت اسلامي سنڌ، ميرپورماٿيلو جي صحافين طيف لغاري، قاسم ڪلوڙ سميت سموري سنڌ جي ماڻھن ھزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.


شهيد جو مڙهه ھزارين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) طرفان صحافي نصرالله گڊاني جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.


جاري ڪيل بيان ۾ پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ، سيڪريٽري جنرل ارشد ناصري ۽ فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ چيو ته صحافين لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ڏکيائيون ٿينديون پيون وڃن، جيڪي حق ۽ سچ لکن انهن کي نصرالله  گڊاني وانگر ختم ڪيو وڃي ٿو.


پي ايف يو جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ صحافي جو اهو پهريون قتل ناهي ڪيترن ئي ٻين صحافين کي سالن کان ائين ختم ڪيو ويو جن جا جوابدار به گرفتار نه ڪيا ويا.


پي ايف يو جي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙي وحشياڻي ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ مقتول صحافي جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي.


هنن صحافين جي تحفظ واري بل 2022 جي ضرورت مطابق شڪايتن جي ڪميشن جي فوري طور تي قيام جو مطالبو پڻ ڪيو.


اڳواڻن مقتول صحافي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته نصرالله گڊاني هڪ بهادر ۽ سچو صحافي هو جنهن خطري جي وقت به بي خوف ٿي سچ تي صحافت ڪئي.


هنن چيو ته سندس قتل پاڪستان ۾ صحافين کي درپيش خطرن ۽ ميڊيا پروفيشنلز لاءِ وڌيڪ تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي ضرورت جي سخت ياد ڏياريندڙ آهي.