ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، مچل مارش خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

news-details

ڪراچي: (سومر: 27 مئي2024ع) آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان مچل مارش چيو آهي ته ريڪوري ٿوري سست رهي هاڻ مان تيار آهيان، ٽورنامينٽ کيڏڻ جو منتظر آهيان.


ٽريننگ سيشن جي موقعي تي گفتگو ڪندي مچل مارش چيو ته پهريان اندازو هو ته ٽن هفتن اندر فٽ ٿي ويندس پر گهڻو وقت لڳي ويو.


هن چيو ته آءِ پي ايل مان جڏهن ٻاهر ٿيس ته مون وٽ مڪمل ريڪوري لاءِ وقت هيو، مان جلد بالنگ شروع ڪندس، جڏهن ته وارم اَپ ميچ ۾ بيٽنگ ڪندس.


ياد رهي ته مچل مارش هيمسٽرنگ انجري سبب آءِ پي ايل ڇڏي ڏيهه واپس موٽي آيو هو، جتي هن پنهنجي فٽنس جي بحالي تي ڪم ڪيو.