ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پي سي بي پاڪستاني ٽيم لاءِ خاص ترانو جاري ڪري ڇڏيو

news-details

لاهور: (ڇنڇر: 01 جون 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ خاص ترانو جاري ڪري ڇڏيو.


ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جو حوصلو وڌائڻ لاءِ پي سي بي طرفان ترانو ” ساڍي واري اوءِ “ رليز ڪيو، جيڪو علي عظمت، عارف لوهار ۽ نهال نسيم ڳايو آهي.


ترانو پاڪستاني شوقينن جي جذبي ۽ اميدن پٽاندڙ ترتيب ڏنو ويو آهي جيڪي هر ڏکئي وقت ۾ ٽيم سان گڏ بيٺا رهيا، جيڪي ٽيم کي ڪامياب ٿيندي ڏسڻ چاهين ٿا ته جيئن هو به فتح جو جشن ملهائي سگهن.


ياد رهي ته 2022 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ قومي ٽيم وڏي مشڪل سان آئرلينڊ خلاف سيريز کٽڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.