ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو اهم مقابلو: پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

news-details

نيويارڪ: (آچر: 09 جون 2024ع) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀني کان وڏو ميچ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو. ڪرڪيٽ جي ديوانن پاڪستان جي ٽيم کي گڊ لڪ جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي.


ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اڄ نيويارڪ جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿيندا . هونئن ته قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شروعات سٺي نه آهي ۽ ان کي آمريڪا جي هٿان اپ سيٽ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو پر ڪرڪيٽ جا شوقين قومي ٽيم جي لاءِ دعاگو آهن ۽ ان اميد جو اظهار ڪري رهيا آهن ته ٽيم روايتي حريف کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ بهترين واپسي ڪندي.


پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو اهم ميچ پاڪستاني ٽائيم موجب شام جو ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندو.