ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم رهندو، ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو امڪان

news-details

اسلام آباد: (آچر: 09 جون 2024ع) موسميات کاتي مختلف شهرن ۾ موسم گرم رهڻ ۽ ڪجهه هنڌن تي برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.


موسميات کاتي موجب سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي پر مختلف علائقن ۾ سج جي تپش برقرار رهندي. جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي برسات جي اميد آهي.


موسميات کاتي ڪراچي جي موسم جي حوالي سان ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن دوران شهر جو موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي. شهر جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد 29.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.


گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 43، دادو، مٺي، تربت، بهاوالپور ۾ 42، سبي، موهن جو دڙو، ڪوٽ ادو، ٽنڊوڄام ۽ روهڙي ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ  ڪيو ويو.