سنڌ ڪابينه اجلاس: نئين مالي سال 2024_25 لاءِ 30 کرب رپين جي بجيٽ جي منظوري

news-details

ڪراچي: (جعمو: 14 جون 2024ع) سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ نئين مالي سال 2024_2025 لاءِ 30 کرب رپين جي بجيٽ پروپوزل جي منظوري ڏني وئي.


وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينه جو پري بجيٽ اجلاس ٿيو.


اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، چيف سيڪريٽري، پي اينڊ ڊي چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.


سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويو.


وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 10 نقطن تي عملدرآمد جي حساب سان بجيٽ ٺاهي وئي آهي.


چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊن ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد جو وقت شروع ٿي ويو آهي، بجيٽ ۾ غربت جي خاتمي ۽ عوام کي سهولتون ڏيڻ جون تجويزون آهن.


ڪابينه کي بريفنگ ڏني وئي ته بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 3 هزار 56 ارب رپيا رکيو ويو آهي.


اجلاس ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 964 ارب رپيا رکيا ويا، غير ترقياتي خرچن لاءِ 1900 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.


ملازمن جي پگهارن لاءِ 728 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.


ڪراچي جي ميگا منصوبن لاءِ هڪ ارب 8 رپيا رکيا ويا، ترقياتي منصوبن لاءِ ڌار ڌار رقم رکي ويندي.


سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو، ملازمن کي ٻيون مالي سهولتون به ڏنيون وينديون.


ضلعن جي ترقياتي بجيٽ 30 ارب رپيا، پرڏيهي امداد جا 334 ارب رپيا رکيا ويا.


وفاقي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 76 ارب رپيا رکيا ويا، جاري ترقياتي منصوبن تي 300 ارب رپيا رکيا ويا.


منظور ٿيل ترقياتي منصوبن لاءِ 92 ارب رپيا رکيا ويا، اگهن ۾ واڌ کانپوءِ نظرثاني رقم ۾ 80 ارب رپيا رکيا ويا.


ايندڙ مالي سال جي 4644 ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 473 ارب رپيا رکيا ويا.


نين ملازمتن، فرنيچر، تيل، سفري خرچن لاءِ 16 ارب رپيا رکيا ويا، 5 هزار نيون جايون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.


تعليم لاءِ 400 ارب رپيا، صحت لاءِ 275 ارب رپيا رکيا ويا، مڪاني کاتن لاءِ 155 ارب رپيا، امن امان جي بحالي لاءِ 170 ارب رپيا رکيا ويا.


صوبائي ۽ ضلعي ترقياتي پروگرام لاءِ 550 ارب رپيا رکيا ويا، ٻوڏ م تاثر علائقن جي انفرا اسٽرڪچر لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن.