ملڪ ۾ سون سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

news-details

ڪراچي: (جعمو: 14 جون 2024ع) سموري ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.


آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ سون جو في تولو 800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 41 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.


اهڙي ريت ڏهه گرام سون 686 رپيا واڌ بعد 2 لک 7 هزار 47 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.


عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 8 ڊالر واڌ کانپوءِ 2303 ڊالرز آهي.