سول اسپتال سکر جي جيل وارڊ مان خطرناڪ قيدي فرار، اهلڪارن جون ڊوڙون لڳي ويون

news-details

سکر: (جعمو: 14 جون 2024ع) سول اسپتال سکر جي جيل وارڊ مان قيدي فرار ڊيوٽي تي مقرر پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو.


ان سلسلي ۾ سول اسپتال سکر ۾ قائم جيل وارڊ ۾ علاج لاءِ زخمي ڏوهاري خير محمد تيغاڻي قيدي سان ملاقات لاءِ آيل هٿياربندن پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد خطرناڪ قيدي خيرمحمد تيغاڻي کي جيل وارڊ مان ڀڃائي فرار ٿي ويا.


ان ڏس ۾ ذريعن موجب ته ڊيوٽي تي مقرر ٽن اهلڪارن مان ٻه اهلڪار جمعي نماز تي ويا ته جوابدارن هڪ اهلڪار کي يارغمال بڻائي قيدي سميت فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد ٿاڻي سي سيڪشن جو ايس ايڇ او پهچي واقعي جي جاچ سميت فرار ٿيل قيدي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.