قرباني جي عيد ۾ هڪ ڏينهن رهجي ويو، مال پڙين ۾ جانورن جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) قرباني جي عيد ۾ هڪ ڏينهن رهجي ويو آهي، وڏي عيد لاءِ سجايل مال پڙيون ته زمين تي آهن پر اتي موجود جانورن جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون آهن.


عيد ويجهو ايندي ئي ٻڪرا، گابا، ڍڳا ۽ اٺ جي خريداري لاءِ عوام مال پڙين جو رخ ڪري ورتو آهي جتي واپارين ۽ خريدارن ۾ پئسن جي هيٺ مٿانهين تي بحث  جاري آهي.


مال پڙي ڏانهن ويندڙ شهري چوپايو مال مهانگو هجڻ جڏهن ته واپاري خريدار نه هجڻ جا ڏوراپا ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.


قرباني جو ڏينهن ويجهو ايندي ئي ڇُريون ۽ چاقون تيز ڪندڙن جي به چاندي ٿي وئي آهي جتي شهرين کان وڌيڪ پئسن جي اوڳاڙي جاري آهي.