حادثاتي موت تي فوتي جي وارثن کي هڪ لک روپيا ملندا: سافڪو’سنڌ انشورنس ڪمپني‘ سان معاهدو ڪري ورتو

news-details

حيدرآباد: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) سافڪو سنڌ حڪومت جي’سنڌ انشورنس ڪمپني‘ سان خدمتن جي فراهميءَ جو معاهدو ڪري ورتو آهي. سنڌ انشورنس ڪمپني 2016ع کان ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا سنڌ ۾ حادثاتي طور فوت ٿيندڙ هر ماڻهوءَ جي وارثن کي انشورنس جي رقم هڪ لک روپيا فراهم ڪندي آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به رجسٽريشن جي ضرورت ناهي هوندي. ان ڏس ۾ سافڪو پنهنجي پروگرام سان لاڳاپيل ڪموينٽي گروپن، انفرادي گھراڻن ۽ پنهنجي عملي کي سماجي ذميوارين تحت اها خدمت فراهم ڪرڻ لاءِ ’سنڌ انشورنس ڪمپني‘ سان معاهدو ڪيو آهي. ان حوالي سان گذريل ڏينهن سافڪو هيڊ آفيس ۾ سافڪو جي باني ۽ قائد سليمان جي ابڙو ۽ سنڌ انشورنس ڪمپني جي ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد فيصل صديقي معاهدي تي صحيحون ڪيون.


ان موقعي تي سافڪو جي سربراهه سليمان جي ابڙو چيو ته سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرس ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن، سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني ۽ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن نه رڳو پنهنجي ملازمن پر انهن لکين ماڻهن مان جيڪي به انشورنس رقم جا حقدار هوندا انهن کي اها رقم ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ حادثاتي طور فوت ٿيندڙ هر ماڻهوءَ کي سنڌ حڪومت طرفان انشورنس جي رقم ڏني ويندي آهي، ان لاءِ ڪنهن به رجسٽريشن جي ضرورت ناهي پوندي.


ان کان اڳ سافڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه آيل مهمانن جي آجيان ڪندي انشورنس جي فائدن تي روشني وڌي. جڏهن ته سنڌ انشورنس جي سي اِي او محمد فيصل صديقيءَ انشورنس واري پروگرام بابت آگاهي ڏني.