اٽڪ: ايليٽ فورس جي اهلڪار فائرنگ ڪري 2 وڪيلن کي قتل ڪري ڇڏيو

news-details

اٽڪ: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع)  اٽڪ ۾ پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري ڊسٽرڪٽ بار اٽڪ جي اڳوڻي صدر اسرار احمد ۽ ايڊووڪيٽ ذوالفقار مرزا کي قتل ڪري ڇڏيو.


پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري اٽڪ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مقتول وڪيلن جا لاش ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.


ذريعن ٻڌايو آهي ته ايليٽ فورس جي اهلڪار ذاتي تڪرار تي وڪيل جي چيمبر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي. واقعي کان پوءِ وڪيلن جو وڏو انگ اسپتال پهچي ويو. ڊي پي او اٽڪ واقعي واري هنڌ جو معائنو پڻ ڪيو.