خيرپورناٿن شاهه: تيز رفتار ٽرڪ جو لوڊر رڪشا کي ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، 7 زخمي

news-details

خيرپورناٿن شاهه:(رپورٽ: شفيق الزمان لغاري) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ مراد کوسو سامھون انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو لوڊر رڪشا کي ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي


خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ مراد کوسو سامھون انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو لوڊر رڪشا کي ٽڪر، ٽڪر جي نتيجي ۾ شڪارپور جي ڳوٺ پير بخش کوسو جا رھواسي ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن ته ٽن ٻارڙن سيمت 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي جن کي لاڙڪاڻو اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي


فوتين ۾ مسمات شريفان کوسو، مسمات حسينا زال متو کوسو، بھرام کوسو فوت ٿي ويا آھن جڏھن ته زخمين ۾ معصوم سيما کوسو، معصوم ظھيران کوسو، معصوم بشيران کوسو، عبدالستار کوسو، بشير کوسو، ڏري کوسو، صحت خاتون کوسو، زرينه کوسو، حوا کوسو زخمين ۾ شامل آھن زخمي ۽ فوتي زائرين ھيا جيڪي خيرپورناٿن شاھ ڀرسان درگاھ ميان نصير محمد ڪلهوڙو کان واپس پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيا ھيا ته واقعو پيش آيو آھي ٻئي پاسي ٽرڪ ڊرائيور گاڏي سميت موقعي تان فرار ٿي ويو.