ملير:بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا فوت، لاش جناح اسپتال منتقل

news-details

ملير: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) ملير ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، فوت ٿي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.


رپورٽ موجب ملير ۾ محمد علي سوسائٽي ڀرسان گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان ايان علي فوت ٿي ويو.  سپر هاءِ وي آر او پلانٽ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 ورهين جو شهري نفيس ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، فوت ٿي ويل شهرين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتين جا لاش گهر پهڄڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.