ايندڙ مهيني کان اٽو، دال، چانور، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو: چيئرمين ايف بي آر

news-details

اسلام آباد: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) چيئرمين ايف بي آر امجد زبير ٽوانه چيو آهي ته ايندڙ مالي سال کان پروسيسنگ ۽ پيڪڊ اٽي، دال، چانور، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.


ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيئرمين ايف بي آر ۽ نمائنده انڊسٽري شيخ وقار احمد شرڪت ڪئي.


قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ٻارن جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو جڏهن ته ان دوران نمائنده انڊسٽري شيخ وقار چيو ته سيلز ٽيڪس لاڳيتو  وڌايو وڃي. سيلز ٽيڪس سان ٻارن جي کير جي قيمت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويندو.


ايف بي آر چيئرمين امجد زبير چيو ته کير جي ڪمپنين 2 سالن دوران پنهنجي مصنوعات جون قيمتون ڪيترائي ڀيرا وڌايون کير جي ڪمپنين صافين تي وڌيڪ بار وڌايو پر حڪومت کي ڪجهه به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا ڊسٽري بيوٽرز به ٽيڪس نيٽ ۾ نه آهن. ايندڙ مالي سال کان زيرو ريٽنگ مڪمل ختم ڪئي وئي آهي.