ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪيرائڻ ۾ باجوا ملوث هو: شيخ رشيد

news-details

راولپنڊي: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ باجوا ملوث هو.


نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي شيخ رشيد چيو جڏهن حڪومت وڃي رهي هئي ته مون کي خبر هئي، ڇو ته ايم ڪيو ايم ٻڌائي ڇڏيو هو، مان گهر خالي ڪري ڇڏيو ته خان چيو ڪيئن ٿا چئي سگهو حڪومت وڃي رهي آهي، منهنجي ته ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي، خان کي چيو ايم ڪيو ايم ٻڌايو ته حقيقي سگنل ڏيندڙن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته حڪومت وڃڻ واري آهي.


هن چيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته باجوا حڪومت ڪيرائي، پاڪستان ۾ ڪو شخص گيٽ نمبر چار کانسواءِ سياست ۾ ناهي آيو، ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر هئي ته ڇا ٿيندو، اهي ملڪ مان ڀڄي ويا ۽ اتي مزا ڪري رهيا آهن.


سندس چوڻ هو ته نواز شريف گڊ بڪ ۾ ناهي پر شهباز شريف کان وري به بهتر آهي، پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ٿيندي نه پيو ڏسان، آگسٽ تائين آرپار ٿيندي ڏسي رهيو آهيان.