ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجڻ تي ٻن مهينن لاءِ پابندي لاڳو

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) ڪراچي جي ڪمشنر ٻن مهينن لاءِ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.


ڪراچي جي ڪمشنر سمنڊ ۾ وهنجڻ تي لاڳو پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.


نوٽيفڪيشن موجب سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي ڪينپ بيچ، مبارڪ وليج ۽ سونيرا بيچ تي 13 آگسٽ تائين لاڳو هوندي.


نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل پوليس کي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.