ڪراچي ۾ اڄ سخت گرمي پوڻ جو امڪان، گرمي پد 42 ڊگري تائين محسوس ڪيو ويندو

news-details

ڪراچي: (آچر: 16 جون 2024ع) ڪراچي جي گرمي پد ۾ اڄ اضافي جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي.


موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي جو وڌ کان وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته ڏينهن جو گرمي جي شدت 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪري سگهجي ٿي.


موسميات کاتي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب 70 سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 15 کان 17 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.


ٻئي طرف موسميات کاتي بلوچستان جي موسم جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته وادي ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي ۾ موسم خشڪ ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي.


هوڏانهن قلات، زيارت، مستونگ، پشين، قلعه سيف الله، اترين علائقن ۾ به موسم وچولو رهندو. جڏهن ته بلوچستان جي ڏاکڻي ۽ وچولن علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سبي 48 ڊگري سينٽي گريڊ سان گڏ ملڪ جو گرم ترين شهر رهيو.