موسميات کاتي ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

news-details

ڪراچي: (خميس: 20 جون 2024ع)   موسميات کاتي ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سلسلو ملڪ کي متاثر ڪري رهيو آهي. جمعي کان آچر تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.


موسميات کاتي موجب سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز ۽ ٻين ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي.


کيرٿر جي جابلو علائقن ۾ برسات پئجي سگهي ٿي جڏهن ته کيرٿر جي جابلو علائقن تي ٺهيل ڪڪر ڏاکڻي سنڌ جي ڪجهه هنڌن کي متاثر ڪري سگهن ٿا.


موسميات کاتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به جمعي کان آچر تائين برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. موسميات کاتي موجب ٻنپهرن کان شام دوران کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان موجود آهي. جيڪڏهن انهن ڪڪرن جي شدت برقرار رهي ته ڪراچي جي ڏوراهين علائقن ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي.