پنجاب ۾ حڪومت ۽ گورننس جي نظام ۾ تبديلي، وزارتن ۽ کاتن جي ري اسٽرڪچرنگ جو فيصلو

news-details

لاهور: (خميس: 20 جون 2024ع) پنجاب ۾ حڪومت ۽ گورننس جي نظام ۾ تبديلي ۽ وزارتن ۽ کاتن جي ري اسٽرڪچرنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.


وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ري اسٽرڪچرنگ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، هن 14 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن کي 60 ڏينهن ۾ سفارشن جي تياري جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.


پنجاب ۾ وزارتن ۽ کاتن جي ري اسٽرڪچرنگ ڪميٽي جي ڪنوينر سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب هوندي، ناڻي وارو وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان ۽ قانون وارو وزير صهيب احمد ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن.


ٻڌايو ويو آهي ته ري اسٽرڪچرنگ دوران خسارن جو شڪار ادارن جي ڊائون سائزنگ ڪئي ويندي، هڪ ئي ڪم ڪندڙ وڌيڪ ادارن کي ختم يا ضم ڪيو ويندو، وزارتن جو ڪاٿو گهٽ ڪري سرڪاري معاملا انجام ڏيڻ ۾ آساني پيدا ڪئي ويندي.


ري اسٽرڪچرنگ ۽ ڊائون سائزنگ سان ادارن جي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمت جو عمل سادو، آسان ۽ تيز بڻايو ويندو ۽ ان سان اربين رپين جي بچت ٿيندي، جڏهن ته حڪومت جي سالياني خرچن ۾ وڏي گهٽتائي ٿيڻ سان مالي گنجائش پيدا ٿيندي.