عوام ۽ پاڪستان خلاف بجيٽ ”اڪنامڪ هٽ مين“ ٺاهي: عمر ايوب

news-details

اسلام آباد: (خميس: 20 جون 2024ع) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عوام ۽ پاڪستان خلاف بجيٽ اڪنامڪ هٽ مين ٺاهي آهي.


قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب چيو ته سيڙپڪار قانون جي بالادستي نه رکندڙ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ناهن ڪندا.


هن چيو ته بجيٽ هڪ غير قانوني دستاويز آهي، جيڪو هتي پيش ٿيو، بجيٽ جڏهن پيش ٿيندي آهي ته فنانس بل سميت سمورا دستاويز هتي پيش ڪرڻا پوندا آهن، ايوان ۾ اهي دستاويز آيا ئي نه، رڳو ناڻي واري وزير جي تقرير هئي.


سندس چوڻ هو ته 50 سالن ۾ سڀ کان گهٽ سيڙپڪاري موجوده حڪومت جي دور ۾ ٿي، حڪومت انگن اکرن ۾ ٻه نمبري ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي.


عمر ايوب چيو ته شهباز شريف پاڻ کي تڪراري بڻائي خوش ٿيندو آهي، ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو ڪرپشن ڪيئن ختم ڪندا؟