وزيراعظم جو حج دوران 35 پاڪستانين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار، مڙهه ڏيهه آڻڻ جي هدايت

news-details

اسلام آباد: (خميس: 20 جون 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف حج دوران مختلف سببن جي ڪري 35 پاڪستاني فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي انهن جا مڙهه پاڪستان پهچائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.


وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب شهباز شريف پاڪستاني حاجين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سندن پونيئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.


هن پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق سان رابطو ڪري فوتين جا مڙهه پاڪستان پهچائڻ لاءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.