انجمن ترقي پسند مصنفين جو 14 سيپٽمبر تي شهداء ايمپريس مارڪيٽ ڪراچي جي 167 هين ورسي ملهائڻ جو اعلان

news-details

ڪراچي: (خميس: 20 جون 2024ع) انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي پاران 14_ سيپٽمبر تي شهداء ايمپريس مارڪيٽ ڪراچي جي 167 هين ورسي ملهائڻ جو اعلان ڪندي ان لاءِ ٽي مختلف ڪميٽيون جوڙيون آهن، جيڪي سڄي سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي شرڪت جي دعوت ڏينديون.


انجمن ترقي پسند مصنفين جو ماهوار مشاعرو ۽ اجلاس گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي لان ۾ صدر سيد ڪرم علي شاهه ڪرم جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ 1857ع واري جنگ آزادي جي سورمن رام ديش پانڊي سميت 44_ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن سورمن جي 167 هين ورسي پرجوش نموني ملهائڻ لاءِ ٽي ڪميٽيون جوڙيون ويون.


جن ۾ سيد ڪرم علي شاهه ڪرم، نعيم شيخ، گل محمد منگي، نديم سبطين، رانا روشان، منصور کوکر، علي محمد ميمڻ، لياقت عباسي، عبدالحميد منگي، منور شاهه ۽ ٻيا شامل ڪيا ويا جيڪي ميئر ڪراچي سان ملاقات ڪري ايمپريس مارڪيٽ ۾ يادگار شهداء ڪراچي تعمير ڪرائڻ سميت دانشورن، اديبن ۽ شاعرن کي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت ناما ڏنا ويندا.


اجلاس جي شروعات ۾ ممتاز دانشور، اديب ۽ صحافي اسحاق منڱريو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي ٻن منٽن جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي جڏهن ته سانگهڙ جي ظالم زميندار پاران اُٺ جي ڄنگھ ڪپڻ جي مذمت ڪندي ملوث ماڻهن خلاف قانوني قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.


اجلاس ۾ اتفاق راء سان علي محمد ميمڻ کي انجمن ڪراچي جو سينئر نائب صدر چونڊيو ويو.


انجمن ڪراچي جو ٽماهي رسالو شايع ڪرڻ لاءِ سيد ڪرم علي شاهه ڪرم، منصور کوکر، عبدالحميد منگي ۽ علي محمد ميمڻ تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا ايندڙاجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪندي.


اجلاس ۾ هڪ قرارداد بحال ڪري انجمن ڪراچي جي صدر سيد ڪرم علي شاهه جي ڪردار ڪشي ڪرڻ تي ڪوآپريٽو کاتي جي انسپيڪٽر فقير شاهه جي مذمت ڪندي ايف آءِ اي سائيبر ونگ کان مطالبو ڪيو ته مذڪوره عملدار جي بليڪ ميلنگ جو نوٽيس وٺي ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.


ان موقعي تي ناليوارن شاعرن لياقت عباسي، منصور کوکر، گل محمد منگي، ڪرم علي شاهه ڪرم، رانا روشان، عبدالحميد منگي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي ۽ خوب داد حاصل ڪيو.


اجلاس ۾ ڪرم علي شاهه ڪرم، نعيم شيخ، عبدالحميد منگي، علي محمد ميمڻ، گل محمد منگي، بابو لادو، منور شاهه منور، رانا روشان، گل محمد منگي، لياقت عباسي، منصور کوکر، اسماعيل حسيني، وليم صادق، قادر اعظم ۽ ٻين شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.