ٻوڏ سان سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، 10 سالن ۾ به ازالو نه ٿيندو: وزيراعظم

news-details

اسلام آباد: (خميس: 20 جون 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، نقصان جو ازالو ايندڙ 10 سالن ۾ به نٿو ٿي سگهي.


اين ڊي ايم اي جي قومي هنگامي سينٽر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ ٿي، 100 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪيا.


هن اين ڊي ايم اي کي هر ممڪن وسيلن جي فراهمي جي خاطري ڪرائي ۽ اداري جي موسمياتي تبديلي بابت نظام جي تعريف ڪئي.


سندس چوڻ هو ته اين ڊي ايم اي کي جيڪو سامان گهربل آهي، ان لاءِ صوبن سان گڏجي پلان جوڙينداسين.