شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي

news-details

نئون ديرو: (جمعو: 21 جون 2024ع) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 71 هين سالگره ملهائي پئي وڃي، نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني جي تقريب ڪئي وئي.

صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير ۽ اڳواڻ شرڪت ڪندا، لياري جي علائقي چاڪيواڙا ۾ پيپلزپارٽي پاران جلسو ڪيو ويندو.

سالگرهه تقريب نئون ديرو هائوس ۾ ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر سميت پارٽي جا صوبائي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.

جڏهن ته سنڌ اسيمبلي شهيد بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ٺهراءُ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي نثار کهڙو پيش ڪيو، جيڪو مڪمل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، هوءَ جمهوريت جي چيمپئن هئي، بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري وطن واپس پهتي ته مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو ويو.

شهيد بينظير ڀٽو قاتلاڻي حملي باوجود جمهوريت لاءِ جاکوڙ جاري رکي ۽ کيس 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ جلسي دوران شهيد ڪيو ويو، اڄ شهيد بينظير اسان سان گڏ نه آهي پر جمهوريت ۽ جمهوري نظام آهي.