شڪارپور ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا قتل

news-details

شڪارپور: (جمعو: 21 جون 2024ع) شڪارپور ڀرسان ماڙي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن جي فائرنگ ٽي ڀائر قتل ٿي ويا.


ڪلر ڳوٺ ۾ جوابدارن گهر ۾ ستل ڌڻين تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ٽي سڳا ڀائر حبيب الله، امان الله ۽ نصر الله مارجي ويا آهن.


پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جوابدار واردات واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.


پوليس موجب بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي تڪرار تان جهيڙو هلندڙ هيو جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي.


ڪلر ڳوٺ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل بعد ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتولن جي وارثن طرفان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.