سون جي اگهه ۾ سوين رپيا گهٽتائي

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 22 جون 2024ع) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.


آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1400 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 41 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.


اهڙي ريت 10 گرام سون 1201 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 7 هزار 47 رپين جو ٿي ويو آهي.


عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 43 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2320 ڊالر في اونس آهي.