پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس مان 19 ايئر ڪنڊيشنر چوري

news-details

پشاور: (ڇنڇر: 22 جون 2024ع) پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس مان 19 ايئر ڪنڊيشنر چوري ٿي ويا.


ذريعن موجب 19 ايئر ڪنڊيشنر ايڇ ايم سي جي اسٽور مان چوري ٿيا ۽ چوري ڪيل ايئر ڪنڊيشنرز جي ماليت 70 لک رپيا آهي.


اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته چوري ۾ ٻه اسٽور ڪيپر ملوث هجڻ تي برطرف ڪيا ويا آهن.


انتظاميه موجب ايئر ڪنڊيشنرز جي چوري جي انڪوائري ڪئي وئي ۽ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ اسٽورز ڪيپرز کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو.