ترڪيه جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

news-details

انقره: (ڇنڇر: 22 جون 2024ع) ترڪيه جي ڏکڻ اوڀر علائقي ڪرد ۾ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.


ترڪيه جي صحت واري وزارت موجب ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو واقعو گذريل رات پيش آيو، جتي باهه تيزيءَ سان ٻيلن کي وڪوڙي وئي.


اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه جي واقعي ۾ هيل تائين 12 ڄڻا فوت ۽ 75 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جن جو علاج جاري آهي، جڏهن ته سوين جانور به مري ويا آهن.