آمريڪا جي شهر ورجينيا ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي

news-details

ورجينيا: (ڇنڇر: 22 جون 2024ع) آمريڪا جي شهر ورجينيا ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي آمريڪا (ورجينيا) جي عهديدارن ۽ جيئالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.


انهي دوران خطاب ڊاڪٽر سيف الله سومرو چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ماڊرن هسٽري ۽ مسلم دنيا جي پهرين وجينري ليڊر ۽ پهرين مڃيل سياستدان هئي.


هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته محترمه جي سياسي بصيرت ان جي ليڊر شپ مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن پاڪستان جي هر ٻار کي بهتر زندگي ۽ مستقبل ڏيڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙيو انهي سان گڏوگڏ عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پاليسيون جوڙيون ۽ محترمه جو پاڻ پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ ۽ بهتر نموني سان ذميواريون نڀائڻ ۽ پاڻ دنيا ۾ مڃائڻ انهي ڳالهه جو ثبوت هو ته عورت دنيا جي سياسي ميدان ۾ بهترين ليڊر ٿي سگهي ٿي.


هن وڌيڪ ڳالهيئندي چيو ته محترمه پارلياماني سياست کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي ۽ انهي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.


شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو سياسي بصيرت انهن جون پاليسيون اڄ به لکين سياستدانن ۽ ماڻهن کي اتساهه ڏين ٿيون ته جهموري اقتدار کي قائم رکندي عوام جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو.