افغانستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ تاريخ لکي ڇڏي، آسٽريليا کي سپر 8 مرحلي جي اهم ميچ ۾ شڪست

news-details

لنڊن: (آچر: 23 جون 2024ع) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ  جي سپر 8 مرحلي جي اهم ميچ ۾ افغانستان آسٽريليا کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي آهي.


افغان ڪرڪيٽ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريليا کي کٽڻ جي لاءِ 148 رنسن جو حدف ڏنو هو جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا جي سموري ٽيم 127 رنسن تي ڍير ٿي وئي.


ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 48هين ميچ ۾ آسٽريليا افغانستان جي خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو. پهريان بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ٽيم مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون اسڪور ڪيون.


آسٽريليا جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي افغان اوپنر رحمان الله گريار ۽ ابراهيم زدران ٽيم کي 118 رنسن جي ڀائيواري سان بهترين اسٽارٽ ڏنو. آسٽريليا جي بالرز جو مقابلو ڪندي رحمان الله گرباز 49 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 60 رنسون  ٺاهيون جڏهن ته ابراهيم زدران 48 ناکم تي 6 چوڪن جي مدد سان 51 رنسون ٺاهيون.


افغانستان طرفان ڪريم جنت 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته محمد نبي 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز پنهنجي 4 اوورز ۾ 28 رنسن جي عيوض 3 وڪيٽون وٺي هلندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ لڳاتار ٻئي هيٽرڪ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.


آسٽرليا جي پيٽ ڪمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ لڳاتار 2 ڀيرا هيٽرڪ ڪندڙ دنيا جو پهريون بالر بڻجي ويو آهي. آسٽريليا جي ايڊم زمپا 2 ۽ مارڪس اسٽائنس به 1 وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا.


آسٽريليا ۽ افغانستان جون ٽيمون سينٽ ونسنٽ، ڪنگز ٽائون جي آرنس ويل اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿيا هئا.


ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي جي گروپ 1 ۾ شامل ٻئي ٽيمون پنهنجو ٻيون ميچ کيڏي رهيون آهن. ان کان اڳ سپر 8 مرحلي جي پهرين ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم کي ڀارت خلاف ميچ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم بنگلاديش جي خلاف فتح حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. گروپ 2 ۾ ڏکڻ آفريقا، انگلينڊ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون شامل آهن.