خانه بدوش رائٽر ڪيفي پاران سينيئر ڪھاڻيڪار پير عبيد راشدي جي ڪھاڻين جي مجموعي زندگي جي ڪلاسيفائيڊ پيج جي مهورتي تقريب ٿي گذري

news-details

حيدرآباد: (آچر: 23 جون 2024ع)  خانه بدوش رائٽر ڪيفي پاران سينيئر ڪھاڻيڪار پير عبيد راشدي جي ڪھاڻين جي مجموعي زندگي جو ڪلاسيفائيڊ پيج جي مهورت جي شاندار تقريب ٿي گذري جنھن ۾ برک ڪھاڻيڪارن، شاعرن ،اديبن سميت ماضي جي سياسي ڪردارن وسي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات ۾ نصير مرزا ڪاروائي ھلائيندي پير عبيد راشدي جو تعارف پيش ڪيو.


سيما ابڙو، سندس مجموعي جي  مھاڳ تي روشني وڌي. نياز پنھور،  ڪھاڻي جي مجموعي بابت سندس شخصيت تي روشني وجھندي چيو  ڪھاڻي تحت لاشعور ۾  پيراڻي گھراڻي ۽ عورتن جي ڪردارن جي اُپٽار شامل آھي، سندس ڪھاڻي ۾ وچولي جي ماحول جو مشاھدو شامل آھي.


اعجاز سمون، سندس شخصيت جي باري ۾ ڳالھايو. غلام نبي سومرو  ڪھاڻي جي مجموعي تي ڳالھائيندي چيو تہ ڪھاڻي ۾  سندس ٻولي تخليقي آھي ۽ ھن مجموعي ۾ ٻولي جو استعمال ڪمال آھي.


شبنم گل، ڪھاڻي جي ٽيڪنيڪ تي ڳالھائيندي چيو تہ ڪھاڻي ۾ پلاٽ،  ڪردار  نگاري، ڊائلاگ توڙي ڪلائمڪس تي مشتمل ھوندي آھي جيتوڻيڪ پلاٽ ليس ڪھاڻي به موجود آھي پر پير عبيد راشدي جي  ڪھاڻي ۾ زندگي جو ٽڪرو آھي ۽ ڪھاڻي ۾ اينٽي ڪلائمڪس آھي ، سندس ڪھاڻي مشاھداتي آھي ۽ سندس ڪھاڻي جو ڊڪشن جيتوڻيڪ خوبصورت آھي پر ان ۾. متروڪ لفظ به استعمال ٿيل آھن.


قمر راڄپر، پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ  سان سياسي ڪارڪنن کي پيدا ڪرڻ واري دور جو نمائندو سنڌي ادب ھو جنھن اسان کي قومي تحريڪ سان جوڙيو. ادبي تحريڪ ئي دراصل سياسي ڪارڪنن لاء طاقت، سوچ ۽ رھنمائي مھيا ڪندي ھئي جيڪا ھن وقت ناپيد آھي. ادبي تحريڪ ڪمزور ٿي ويئي آھي.  اسماعيل وساڻ، پڻ پير عبيد راشدي جي شخصي تعلق تي روشني وڌي.


تاج جويو چيو تہ سندس ڪھاڻي ۾ ماضي جي ناسٽيلجيا موجود آھي.موضوعن جي وسعت آھي.  مجموعي ۾ شامل پھرين ڪھاڻي تي راءِ ڏيندي تاج جويو چيو تہ  پير عبيد راشدي   ڪلاسيڪل ، تھذيب ۽ روايتن جي ڪھاڻي پيش ڪئي آھي. ھن ڪيترن ئي ڪھاڻين جو ادبي تجزيئو پيش ڪيو.


مک مھمان جي حيثيت ۾ ماما يوسف لغاري سندس شخصيت ۽ ان دور تي ڳالھايو جيڪو سندن سياسي تحريڪ جو دور ھو. ڪتاب جي ليکڪ سڀني ڳالھائيندڙ ن جا ٿورا مڃيا ۽ پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن کي پڻ آجيان چئي.


پروگرام جي صدارت ڪندڙ مدد علي سنڌي ڪتاب جي مصنف کي مبارڪباد ڏيندي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کي پڻ ساراهيو جنھن اديبن لاء پليٽ فارم مھيا ڪيو آھي پر ان سان گڏ مددعلي سنڌي سنڌ جي انھن علمي ادبي ء علمي ادارن تي پڻ تنقيد ڪئي جيڪي ھاڻ ڪتابن کي شايع ڪرڻ بجاءِ ٻيا ڪم ڪري رھيا آھن.


پروگرام جي شروعات ۾ جاکوڙي صحافي اسحاق مڱريئي ۽ ڪرامت علي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪندي امر سنڌو چيو تہ ان سان پورھيت دوست قيادت توڙي جاکوڙي  صحافت جو نقصان مجموعي طور سنڌ جو نقصان آھي. ان لاء حاضرين ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪري اسحاق منڱريو ۽ ڪرامت علي کي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي پاران  خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ڊاڪٽر عرفانہ ملاح خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي پاران سڀني شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا .


ليکڪ نصير مرزا پروگرام جي ڪاروائي ھلائيندي نه صرف ليکڪ کي پر شريڪ ٿيل حاضرين ۾ شامل مک شخصيتن توڙي برک ڪھاڻيڪارن کي خراج پيش ڪيو. ان کان علاوہ آخوند عباس ھالائي ۽ يوسف جويو پڻ تقريب کي خطاب ڪيو


پروگرام ۾ مختلف شھرن يونين حيدراباد ڪراچي، ھالا، ٽنڊو ادم، تلھار،پير جھنڊو،جيڪب آباد، شھداد پور، ميرپورخاص ، مٽياري ،سعيداباد، ڄامشورو،جھوڪ شريف،مھيڙ ، پڊ عيدن،رتو ديرو کان اديبن، شاعرن ، ڪھاڻيڪارن ۽ دلچسپي رکندڙ حاضرين وڏي تعداد شرڪت ڪئي جنھن ۾ اڪبر لغاري، اشتياق انصاري، اڪبر سومرو ، اختر حفيظ، ڪليم ٻٽ، قمر راڄپر، پروفيسر سيد  زوار نقوي،  گل ڪونڌر  گلبدن جاويد  حسين مسرت، داڪٽر پرويز اقبال، پروفيسر نواب ڪاڪا، عباس ڪوريجو،  امان اللہ راھو،مخدو آفتاب احمد ڀٽي، آخوند محمد عباس، ادريس جتوئي، اڪبر لغاري،  ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، امداد چانڊيو، اڪبر سومرو، اعجاز سمون، صوفي محبوب، منظور مھيسر،نحمد يوسف جويو  اسماعيل وساڻ، ڊاڪٽر ريحانہ،  شبنم گل، رفيعہ گلاڻي، نسيم جلباڻي، زيب سنڌي، نيلوفر ڀٽو، واحد ڪانڌڙو،نعمان احمد راھو، گل سنڌي، ساگر ڏھراج ، جڳديش ڪمار، ابرار شاه راشدي، پير سردار شاہ، قاضي نسيم پارس، احسان آڪاش ،عابد انڙ، عمران سومرو، جاراللہ شاه راشدي، خالدراڄپر،  ارباب علي چانڊيو، انجنئير سانگراام، امتياز علي ويسر، حبدار علي ويسر، عمران مھر، شوڪت اڄڻ، فھيم نوناري، پير بخش پٺاڻ، آغا ظفر، داڪٽر محمد اشرف سمون، مرتضي گوھر صالحاڻي، سيد اعجاز علي شاہ، شفيع چانڊيو ، محمد اسماعيل وفا پلي، علي نواز پلي، مدد علي اڄڻ، جھانزيب، سارنگ سھتو، عباس ڪوريجو، منير چانڊيو ، اڪبر سومرو ، غلام نبي سومرو، امجد حسين، فھميدہ علي ، اسحاق سھتو، غلام علي منڱريو، ارباب علي، محمد رحيم ھڪڙو، نواز علي تنيو ، قيوم سروھي، نواز علي تنيو، نويد احمد، داڪٽر جاويد عثمان، ايڊوڪيٽ وقار شر ، واجد علي شر،مح.د يوسف جويو، ھمت علي، محمد پينل کوسو ، پير حزب اللاہ شاہ، پير شاہ، حاجي محمد، رزاق علي ، تاج جويو، غلام نبي، ۽ ٻيا شامل آھن.