پ پ اڳواڻ عشرت مغل طرفان شهيد بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي

news-details

حيدرآباد: (آچر: 23 جون 2024ع) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عشرت مغل طرفان اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 71هين سالگرهه جي موقعي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران شهيد راڻي جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.


حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ پ پ اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبر عشرت مغل طرفان ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 71هين سالگرهه جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ايم پي اي نزهت پٺاڻ، نورالنساء ابڙو، شميم آرا سمون ۽ ٻين شرڪت ڪري شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.


تقريب دوران ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته شهيد بينظير ايشا کنڊ جي عظيم ليڊر هئي جنهن پنهنجي زندگي عوام ۽ جنهوريت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هنن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ اندر عورتن کي خاص حق ڏياريا، عوام جي دلين ۾ اڄ به شهيد بينظير ڀٽو زنده آهي.