ٻانڌي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، وارثن طرفان لاش رکي ڌرڻو

news-details

ٻانڌي:(رپورٽ:حمزا جمالي) ٻانڌي ڀرسان مورو روڊ جمالي مارڪيٽ ۾ ٻن نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ڪريانه جي دوڪان تي ويٺل ڳوٺ ٻڍو خان جمالي جا رهواسي شاھد رضا جمالي ۽ بشير احمد جمالي زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻهن رورل هيلٿ سينٽر ٻانڌي پھچايو، جتي شاھد رضا جمالي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته بشير احمد جمالي کي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاھ اسپتال ڪيو ويو جيڪو رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.


ٻنھي فوتين جا لاش ڊاڪٽرن پاران قانوني گھرجي پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.


ٻئي طرف ٻٽي قتل واقعي جو اطلاع پوڻ تي جمالي برادري جا سوين ماڻھو شھر پھچي ويا شھر جو ڪاروبار بند ڪرائي مهراڻ ھاء وي تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ڌرڻي سبب مهراڻ هاءِ وي تي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافر گاڏين ۾ سفر ڪندڙ مسافر سخت پريشان ٿي ويا.