ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نشي جي عادي وڌيڪ 7 ڄڻن جا لاش هٿ

news-details

ڪراچي: (سومر: 24 جون 2024ع) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نشي جي عادي وڌيڪ 7 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا.


ريسڪيو اختيارين موجب نشي جي عادي ماڻهن جا لاش لڪي اسٽار، جامعه ڪلاٿ ۽ پرانا گوليمار مان مليا.


ياد رهي ته گذريل ڏنهن به شهر جي مختلف علائقن مان نشي جي عادي 10 ماڻهن جا لاش هٿ مليا هئا.


ٻئي پاسي شهر ۾ شديد گرمي جي لهر آهي، اڄ شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.