سکر بئراج هڪ قيمتي اثاثو آهي ان جي بحالي ۽ محفوظ بنائڻ لاء ڪوششون تيز ڪيون وڃن: صدر آصف علي زرداري

news-details

سکر: (سومر: 24 جون 2024ع) صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ڪمشنر افس سکر  ۾ امن امان بابت اهم  اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزيرن سميت سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاھ ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.


صدر کي بريفنگ ڏنيندي ٻڌايو ويو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جا گهربل نتيجا نه مليا آهن، پوليس ۽ رينجرز پاران عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڌاڙيلن جي سپلائي لائن بند ٿيڻ گھرجي، گهوٽڪي ۽ ڪرمپور وچ ۾ پل جي تعمير جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ضروري آهي.


بريفنگ ۾ صدر کي ٻڌايو ويو ته آپريشن کان اڳ مڪمل امن قائم ڪري صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو پر امن امان جي مڪمل بحالي لاءِ مختلف برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرارن جو خاتمو ضروري آھي ان لاءِ سردار ۽ وڏيرا اڳتي اچن.


جڏهن ته پنجاب جي ڪچي واري علائقن سميت ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن کي به بند رکڻو پوندو.


بريفنگ وٺڻ بعد صدر پاڪستان آصف علي زرداري امن امان جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙن کي هدايتون ڏيندي چيو ته امن امان جي خرابي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ڪچو هجي يا شهري علائقا امن جي فضا کي هر حال ۾ بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ادارا ڪم ڪن. گهوٽڪي ۽ ڪرمپور پل جي تعمير جلد کان جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي، سکر بئراج هڪ قيمتي اثاثو آهي ان جي بحالي ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن.


سکر بئراج زراعت لاءِ انتهائي اهم منصوبو آهي ان ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اجلاس ختم ٿيڻ بعد صدر پاڪستان  آصف علي زرداري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير سکر ايئرپورٽ کان ڪراچي روانو ٿي ويا.


هوڏاهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي آمد کان اڳ صبح جو سوير ئي سکر شھر جا مک روڊ ائرپورٽ روڊ، مليٽري روڊ کي عام ٽريفڪ لاءِ مڪمل بند ڪيو ويو هو ۽ روڊن تي قائم سمورا دوڪان پڻ بند ڪرايا ويا هئا جنهن سبب شھرين سميت ٻين شھرن کان آيل مسافرن کي پڻ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.