شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس: 164 وارو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو

news-details

ميرپورماٿيلو: (سومر: 24 جون 2024ع) ميرپورماٿيلو ـ شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي قتل ڪيس جي اي ٽي سي ۽ سيڪنڊ ميجسٽريٽ وٽ ڌار ڌار ٻڌڻي ٿي.


شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي قتل ڪيس جي فريادڻ سندس امڙ مسمات پٺاڻي ۽ ڀاءُ يعقوب عدالت ۾ پيش ٿيا.


پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي اي ٽي سي عدالت ۾ پيش ڪيو پوليس پاران ريمانڊ جي گھر ڪرڻ تي کيس عدالت طرفان ٻن ڏينھن جو ريمانڊ منظور ڪيو ويو.


سيڪنڊ سول جج موڪل تي ھجڻ ڪري فريادي ۽ شاھدن جو  164 وارو بيان ريڪارڊ نه ٿي سگھيو ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.