ڪراچي: گولڊ ميڊلسٽ اتقاءَ ميمڻ قتل ڪيس جو مُک جوابدار عدالت مان فرار

news-details

ڪراچي: (اڱارو: 25 جون 2024ع) ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني گولڊ ميڊلسٽ نوجوان انجنيئر اتقاءَ ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو آهي.


پوليس موجب قتل ڪيس ۾ ظاهر نالي مُک جوابدار کي گذريل ڏينهن جيل مان پيشي جي لاءِ عدالت آندو ويو جتي جوابدار کي آخري ڀيرو 4 لڳي 19 منٽن تي عدالت مان سٽي ڪورٽ لاڪپ ڏانهن ويندي ڏٺو ويو.


پوليس موجب سٽي ڪورٽ لاڪ اپ ۾ وڃڻ کان پوءِ جوابدار ظاهر غائب ٿي ويو. سٽي ڪورٽ مان جيل منتقلي جي دوران قيدين جو انگ مڪمل هو پر جيل پهچڻ کان پوءِ ڳڻپ دوران هڪ قيدي گهٽ هو.


بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار جي فرار ٿيڻ جو ڪيس سٽي ڪورٽ ٿاڻي ۾ ڪانسٽيبل اشتياق احمد جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.


ياد رهي ته نوجوان انجنيئر اتقاءَ ميمڻ کي ڪجهه ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ايس آئي يو پوليس جوابدار ظاهر کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو هو.